ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) عربي سمنڊ ۾ امڪاني طوفاني صورتحال کي ڏسندي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.
جاري الرٽ ۾ عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته سمنڊ ۾ موجود سسٽم سامونڊي طوفان ۾ تبديل ٿيڻ جو امڪان آهي، تنهن ڪري شهري احتياط ڪن.
اين ڊي ايم اي موجب امڪاني طوفان پيدا ڪندڙ اهو سسٽم في الحال ڀارت ڀرسان لڪشديپ وادي جي اتر اولهه ڏانهن وڌڻ جو امڪان آهي، اهو سسٽم طوفان ۾ تبديلي کانپوءِ وڏي پئماني تي نقصان پهچائي سگهي ٿو.
شروعاتي اڳڪٿي موجب ان جي رفتار ۽ شدت جي لحاظ سان اهو سسٽم آڪٽوبر جي ٽئين هفتي ۾ پاڪستاني سامونڊي پٽي سان ٽڪرائجي سگهي ٿو، جيڪو پاڪستان جي سامونڊي علائقن کي متاثر ڪندو.
اين ڊي ايم اي سامونڊي علائقن جي رهواسين کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته لاڳاپيل کاتن سان گڏجي صورتحال جي مسلسل نگراني ڪئي پئي وڃي.
Prev Post
Next Post
You might also like