عمران هاشمي زخمي، حيدرآباد کان ممبئي منتقل

حيدرآباد دکن (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪار عمران هاشمي حيدرآباد دکن ۾ فلم ” گڊا چاري ٽو ( جي ٽو ) جي شوٽنگ دوران زخمي ٿي پيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، عمران خان هاشمي اڄڪلهه اسپاءِ ٿرلر فلم گڊا چاري جي ٻئي حصي جي شوٽنگ جي سلسلي ۾ حيدرآباد دکن ۾ موجود آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، اداڪار فلم جي هڪ ايڪشن منظر جي عڪسبندي دوران زخمي ٿي پيو، عمران هاشمي فلم جي شوٽنگ روڪي اڱاري تائين ممبئي روانو ٿي ويندو.
عمران خان هاشمي طرفان فلم جي شوٽنگ دوران زخمي ٿيڻ بابت ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو ويو پر هڪ ڪاروباري ساٿي سني کنا شوٽنگ دوران اداڪار جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.
واضح رهي ته جي ٽو اديوي شيش جي بلاڪ بسٽر فلم گڊا چاري جو سيڪوئل آهي جنهن ۾ شوڀيتاڌوليپا ۽ جگ پتي بابو مک ڪردار ادا ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.