نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪاميڊين ۽ ميزبان ڀارتي سنگهه ۽ سندس مڙس هرش لمباڇيا کي فراڊ ڪيس ۾ پوليس طلب ڪري ورتو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڀارتي سنگهه، لمباڇيا ۽ بالي ووڊ اداڪارا ريا چڪرورتي کي نئين دهلي پوليس پنج سئو ڪروڙ رپين جي فراڊ ۾ پاڇا ڳاڇا لاءِ طلب ڪيو آهي.
پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته اِهو فراڊ HIBOX نالي هڪ موبائيل ايپليڪيشن ذريعي ڪيو ويو آهي جنهن ۾ مبينا طور ماڻهن کي وڌيڪ منافعي جي واعدي سان سيڙپڪاري ڪرڻ جو ڏٽو ڏنو ويو.
ميڊيا رپورٽس موجب، ان فراڊ ۾ نوَ سوشل ميڊيا انفلوئنسرز ۽ يوٽيوبرز شامل آهن جن ۾ ڪاميڊين ڀارتي سنگهه، سندس مڙس هرش لمباچيا، لڪشي چوڌري، آدرش سنگهه، سورو جوشي، اڀيشيڪ ملهان، پوروجها، ايلويش يادو ۽ بالي ووڊ اداڪارا ريا چڪرورتي سميت ٻين ايپ جي مشهوري ڪئي ۽ ان ذريعي ماڻهن سيڙپڪاري جو ڏٽو ڏنو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، پوليس ڀارتي، هرش ۽ اداڪرا ريا چڪرورتي ڏانهن ايندڙ هفتي جاچ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ نوٽيس اُماڻي ڇڏيو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، ڄاڻايل ايپ هلندڙ سال فيبروري ۾ لانچ ڪئي وئي آهي جتي اٽڪل ٽيهه هزار ماڻهن سيڙپڪاري ڪئي ۽ جوابدارن طرفان واهپيدارن سان روزاني بنيادن تي هڪ کان پنج سيڪڙو جڏهن ته ماهوار 30 کان 90 سيڪڙو منافعو حاصل ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو.
پوليس موجب، فراڊ ڪيس ۾ ملوث چنائي سان واسطو رکندڙ مک جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن کان پاڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.
You might also like