پاڪستاني ڄائي ڀارتي گلوڪار ۽ موسيقار عدنان سميع خان جي امڙ 77 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.
گلوڪار سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي پنهنجي ماءُ بيگم نورين جي لاڏاڻي جي ڏکوئيندڙ خبر مداحن سان شيئر ڪئي.
گلوڪار پنهنجي امڙ جي تصوير پوسٽ ڪندي ڪيپشن ۾ لکيو ته مان گهري ۽ دائمي ڏُک سان پنهنجي پياري ماءُ بيگم نورين سميع خان جي لاڏاڻي جو اعلان ڪيان ٿو.
هن لکيو ته مان گهري ڏُک ۾ ورتل آهيان، هوءَ هڪ شاندار شخصيت جي مالڪ عورت هئي، جنهن هر ان ماڻهوءَ کي محبت ۽ خوشي ڏني جن سان سندس رابطو ٿيو، سندس کوٽ هميشه محسوس ٿيندي.