پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي نااهلي لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته هن حلف جي ڀڃڪڙي ڪئي، آرٽيڪل 62 تحت کيس نااهل ڪيو وڃي.
پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته علي امين گنڊاپور جلسن لاءِ سرڪاري وسيلا استعمال ڪيا، وڏي وزير جو سياسي مقصدن لاءِ سرڪاري وسيلا استعمال ڪرڻ غير قانوني آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته وڏي وزير لشڪر سان وفاق تي ڪاهه ڪئي، جيڪو ڳڻتيءَ جوڳو عمل آهي، سندس خلاف پنجاب ۾ مختلف ڪيس داخل آهن.
درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو ته علي امين گنڊاپور ماڻهن جو لشڪر پنجاب وٺي ويندو آهي ۽ قانون هٿ ۾ کڻندو آهي، هن حلف جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، کيس آرٽيڪل 62 تحت نااهل ڪيو وڃي.
You might also like