ملتان ٽيسٽ: شان ۽ شفيق جون سينچريون، پاڪستان انگلينڊ خلاف 328 رنسون ٺاهي ورتيون

ملتان (ويب ڊيسڪ ) ملتان ٽيسٽ جو پهريون ڏينهن بيٽرن جي نالي رهيو، پاڪستان انگلينڊ خلاف شان مسعود ۽ عبدالله شفيق جي سينچرين جي مدد سان چئن وڪيٽن جي نقصان تي 328 رنسون ٺاهي ورتيون.
ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان شان مسعود ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
صائم ايب جي جلد آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ عبدالله شفيق ۽ ڪپتان شان مسعود ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم جو اسڪور اڳتي وڌايو، شان مسعود ٻن ڇڪن ۽ ڏهن چوڪن جي مدد سان پنهنجي سينچري مڪمل ڪئي.
ٻئي پاسي عبدالله شفيق به سينچري اسڪور ڪئي ۽ 102 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، ٻنهي جي وچ ۾ 253 رنسن جي ڀائيوار قائم ٿي.
عبدالله شفيق جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ رڳو ٻن رنسن جي فرق سان ڪپتان شان مسعود به 151 رنسن ٺاهي ڪئچ آئوٽ ٿي ويو.
پهرئين ڏينهن راند جي پڄاڻي کان ڪجهه دير اڳ بابر اعظم به 30 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو، سعود شڪيل 35 ۽ نسيم شاهه ٻڙي تي موجود آهي.
انگلينڊ طرفان گس ايٽڪنسن 2 ۽ ڪرس ووڪس هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.