اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف فلسطين جي مسئلي تي سڏايل حڪومتي اي پي سي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته کين فلسطين تي اي پي سي ۾ شرڪت جي دعوت ملي وئي آهي.
هن چيو ته پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتار آهن، پارٽي قيادت موجودا حالتن ۾ اي پي سي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
واضح رهي ته حڪومت طرفان فلسطين جي صورتحال تي اڄ ايوانِ صدر ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ٿيندي، جنهن ۾ صدر، وزيراعظم سميت اعليٰ حڪومتي اختاريون ۽ مختلف پارٽين جا اڳواڻ شريڪ ٿيندا.
You might also like