ڪراچي حملي ۾ ٻه چيني شهري مارجي ويا، ”واقعي جا ذميوار پاڪستاني نٿا ٿي سگهن“: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪراچي ۾ ڌماڪي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيني قيادت ۽ متاثرن جي خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪري واقعي جي مذمت ڪئي وئي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪراچي هوائي اڏي ويجهو گذريل رات ٿيل واقعي تي ڏک ۽ صدمو پهتو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڌماڪي ۾ 2 چيني شهرين جون قيمتي جانيون ضايع ٿي ويون ۽ هڪ زخمي ٿي پيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪريل حرڪت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا، واقعي جا ذميوار پاڪستاني نه پر پاڪستان جا کليل دشمن آهن.
شهباز شريف چيو ته جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ جاچ جاري آهي، پاڪستان پنهنجي چيني دوستن جي حفاظت لاءِ پرعزم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.