نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي ٻن مختلف رياستن ۾ هڪ ئي ڏينهن نيم فوجي دستن جي ٻن اهلڪارن آپگهات ڪري ڇڏيو.
ڪشمير ميڊيا سروس موجب پهريون واقعو آسام رياست جي شهر گوهاٽي ۾ پيش آيو، جتي نيم فوجي دستي سينٽرل ريزرو پوليس فور جي جاڌواتول هري نالي هيڊ ڪانسٽيبل سرڪاري رائفل سان پاڻ کي گولي هڻي ڇڏي.
هوڏانهن جهارکنڊ رياست جي ڌنباد ضلعي ۾ هڪ ٻئي واقعي ۾ سينٽرل انڊسٽريل سيڪيورٽي فورس جي هڪ ڪانسٽيبل پکي ۾ ڦاهو کائي آپگهات ڪيو، سندس سڃاڻپ 24 ورهين جي آڪاش ڪمار طور ٿي.
آسام ۽ جهارکنڊ پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي، ٻنهي اهلڪارن آپگهات کان اڳ ڪو نوٽ نه ڇڏيو.
Next Post
You might also like