تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيل ۾ بس اسٽيشن تي ٺهيل عالمي فوڊ چين جي ريسٽورنٽ تي فائرنگ جي واقعي ۾ هڪ عورت پوليس آفيسر مارجي وئي ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
مارجي ويل عورت جي سڃاڻپ سارجنٽ شيرا سسليڪ طور ٿي، جيڪا سرحدي پوليس آفيسر هئي، هوءَ ان وقت مارجي وئي، جڏهن هڪ بندوق بردار شخص ڏکڻ شهر جي مرڪزي بس اسٽيشن جي ريسٽورنٽ ۾ گهڙي اندر موجود ماڻهن تي فائرنگ ڪئي.
مقامي ميڊيا موجب زخمين کي اسپتال نيو ويو، جتي 5 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
اسرائيلي پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته حملي آور کي به ٿڌي تي ئي ماريو ويو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
You might also like