ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان پوليس اهلڪارن تي تشدد جي واقعن جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد اسلام آباد جي صورتحال تي تبصرو ڪيو.
هن اسلام آباد پوليس جي اهلڪار جي شهادت تي تعزيت ڪئي ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان پوليس اهلڪارن تي تشدد جي واقعن جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.
سعديه جاويد چيو ته علي امين گنڊاپور احتجاج ۾ سرڪاري وسيلا استعمال ڪري رهيو آهي.
سنڌ حڪومت جو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان پوليس اهلڪارن تي تشدد جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو
You might also like