پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ڪڏهن به خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي: گلين ميڪسويل

ميلبرن (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر گلين ميڪسويل چيو آهي ته پاڪتسان ٽيم ڪڏهن به خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي.
گلين ميڪسويل ميلبرن ۾ آسٽريليا جي سمر ڪرڪيٽ فيسٽيول جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو غير امڪاني هجڻ ٽيم کي ٽف بڻائي ڇڏيندو آهي، ماضي ۾ اسان پاڪستان خلاف چئلينجن کي منهن ڏنو آهي، پاڪستان ٽيم مختلف وقتن ۾ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي.
هن چيو پاڪستان خلاف کيڏندي توهان اهو نٿا ڄاڻي سگهو ته توهان کي ڪهڙي اميد ڪرڻ گهرجي، اسان کي بابر اعظم تي نظر رکڻي پوندي، هو هڪ سپر اسٽار رانديگر آهي، شاهين آفريدي نئين بال سان هڪ جادوگر فاسٽ بالر آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان وٽ ورلڊ ڪلاس پليئر آهن، اسان ايندڙ سيريز ۾ چئلينج جا منتظر آهيون، سيريز جي تياري ڪري رهيا آهيون، اسان کي بهترين راند پيش ڪرڻي پوندي، اسان ان سيريز کي آسان نٿا وٺون.
واضح رهي ته پاڪستان کي 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن لاءِ ايندڙ مهيني آسٽريليا وڃڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.