اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر جي ماءُ جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر سليل انڪولا جي ماءُ جو گهر مان ڳلو ڪپيل لاش هٿ آيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ بي سي سي آءِ سليڪشن ڪميٽي جي ميمبر سليل انڪولا جي ماءُ پوني ۾ پنهنجي گهر مان مئل حالت ۾ هٿ آئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته سليل انڪولا جي ماءُ جمعي جي ڏينهن پوني ۾ پنهنجي فليٽ ۾ مئل حالت ۾ هٿ آئي، سندس ڳلو ڪپيل هو.
پوليس موجب، سليل انڪولا جي ماءُ ذهني دٻاءُ جو شڪار هئي ، جڏهن ته واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.