ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا زارا نور عباس انڪشاف ڪيو آهي ته جڏهن مان پهريون ڀيرو ڳورهاري ٿي هيس ته مشهور برانڊن ۽ اشتهاري ڪمپنين ڪم ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.
تازو هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي زارا نور عباس چيو ته جڏهن مان پهريون ڀيرو ڳورهاري ٿي هيس ته ان دوران هڪ برانڊ سان گڏ ڪم ڪري رهي هيس، منهنجو برانڊ سان باقاعدي معاهدو ٿيل هو پر جڏهن برانڊ کي منهنجي حمل جي خبر پئي ته انهن معاهدو ختم ڪري وڌيڪ ڪم ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
سندس موجب ڄاڻايل برانڊ مون کي چيو ته توهان حمل سان آهيو، تنهن ڪري وڌيڪ ڪم نٿا ڪري سگهو، توهان اسان جي ٽارگيٽ جي معيار تي پورا نه لهندئو، ان تي مان برانڊ مالڪن ۽ مئنيجمينٽ کان پڇيو ته ڇا ڳورهاريون عورتون ميڪ اپ ناهن ڪنديون؟ جنهن تي هنن چيو ته توهان اڳ جيان سمارٽ نظر نه پيا اچو، تنهن ڪري معاهدو ختم ڪري رهيا آهيون.
هن چيو ته ڀارت ۾ ڳورهاري اداڪارائن کي به وڏن وڏن پراجيڪٽن ۾ ڪم ڏنو ويندو آهي پر پاڪستان ۾ انهن لاءِ ڪم ناهي، هتي برانڊن کي ڳڻتي هوندي آهي ته هاڻ اداڪارا ڪيئن نظر ايندي.
Next Post
You might also like