ڪراچي کي جديد شهر بڻائڻ لاءِ 3 ارب ڊالرن جي ضرورت آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي جي جديد شهر بڻائڻ لاءِ 3 ارب ڊالرن جي ضرورت آهي.
ڪراچي ۾ مراد علي شاهه نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جي عهديدارن سان ملاقات دوران ٻڌايو ته هن سال ڪراچي جي ترقياتي ڪمن لاءِ 218 بلين رپيا رکيا آهن، هر سال ڪراچي تي 1000 بلين رپيا خرچ ٿيڻ گهرجن.
هن چيو ته وڏي جدوجهد کانپوءِ نالا ٺيڪ ڪرايا، ٽرانسپورٽ سيڪٽر ۾ سنڌ حڪومت گهڻو ڪم ڪيو آهي، اسان جا ماڻهو جديد سفري سهولتن سان خوش آهن،
سندس چوڻ هو ته 20 لک گهرن جي تعمير لاءِ 600 بلين رپين جي ضرورت آهي، گهرن جي تعمير لاءِ ڊونر ايجنسين، صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کي فنڊ ڏيڻا آهن، وفاقي حڪومت پنهنجي حصي جا فنڊ ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ ڪم تيزي سان جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.