پشاور (ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف الزام لڳائيندي چيو آهي ته سندن پرامن احتجاج ۾ ن ليگ جا هٿياربند ڪارڪن شامل ٿيڻ جا ثبوت مليا آهن.
پنهنجي بيان ۾ بئريسٽر سيف چيو ته پرامن ماڻهن کان نون ليگ ڊنل ڇو آهي؟ وفاق ۽ پنجاب حڪومت جو خوف سمجهه کان ٻاهر آهي.
هن الزام لڳائيندي چيو ته پرامن احتجاج ۾ نون ليگي هٿياربند ڪارڪنن جي شامل ٿيڻ جا ثبوت مليا آهن.
سندس چوڻ هو ته سياست کي سياسي ادارن تائين محدود رکڻ گهرجي، شريف خان مان ڇوٽڪارو اڻٽر آهي، نون ليگ ميدان ۾ اچي ۽ ادارن کي پنهنجي سياست لاءِ استعمال نه ڪري.
بئريسٽر سيف چيو ته نااهل وفاقي حڪومت پرامن احتجاج کي زبردستي پُرتشدد بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.