ڊپٽي اسپيڪر سميت ٽن اسيمبلي ميمبرن احتجاجن ٽِين ماڙ تان ٽپو ڏئي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست مهارشٽرا جي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سميت ٽن ميمبرن سيڪٽريٽ بلڊنگ جي ٽِين ماڙ تان احتجاجن ٽپو ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، ڊپٽي اسپيڪر نرهاري زروال ۽ ٻين ٽن اسيمبلي ميمبرن ممبئي ۾ قائم سيڪريٽريٽ جي عمارت تان احتجاجن ٽپو ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ٽپو ڏيندڙن ۾ هڪ بي جي پي جو رڪن پڻ شامل آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڊپٽي اسپيڪر ۽ ٽنهي اسيمبلي ميمبرن حڪومت طرفان ڊنگربرادري کي قبيلي جي فهرست( شيڊيول ٽرائبز ڪيٽيگري ) جو حصو بڻائڻ واري عمل جي خلاف احتجاجن اهڙو قدم کنيو.
رپورٽ موجب، عمارت تان ٽپو ڏيڻ باوجود ڊپٽي اسپيڪر ۽ ٽئي اسيمبلي ميمبر محفوظ رهيا ڇو ته هو هڪ ڄار ( نيٽ) تي وڃي ڪِريا جيڪا 2012 ۾ ماڻهن کي آپگهات جي ڪوشش تي سندن حياتي بچائڻ لاءِ اتي لڳائي وئي هئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، في الحال مهارشٽرا ۾ ڊنگر ڪميونٽي کي هڪ خانه بدوش ڪميونٽي (Nomadic Tribes) جي حيثيت حاصل آهي جنهن تحت انهن کي سرڪاري نوڪرين تعليمي ادارن ۾ ٽي سيڪڙو ڪوٽا ملندي آهي جڏهن ته ٻين قبيلن جي فهرست ( شيڊيول ٽرائبز ڪيٽيگريز ) ۾ شامل ڪميونيٽيز جي نوڪرين ۽ تعليمي ادارن ۾ ست سيڪڙو ڪوٽا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.