188 سالا پيرسن همراهه جي غار مان نڪرڻ جي وڊيو وائرل، حقيقت سامهون اچي وئي

بئنگلورو (ويب ڊيسڪ ) سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو ڀارت جي هڪ پيرسن همراهه جي عمر تي نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي پر هاڻ ان حوالي سان حقيقت سامهون اچي وئي آهي.
سوشل ميڊيا تي ڀارت جي شهر بئنلگورو مان هڪ وڊيو سامهون آئي هئي جنهن بابت سوشل ميڊيا واهپيدارن جي دعويٰ ڪري رهيا هئا ته وڊيو ۾ موجود پيرسن همراهه جي عمر 188 ورهيه آهي ۽ کيس ويجهڙائي ۾ بئنگلورو جي هڪ غار مان بچايو ويو آهي.
وائرل وڊيو ۾ موجود پيرسن همراهه جو سر جهڪيل آهي ۽ کيس ٻه ڄڻا ٻانهن کان پڪڙي وٺي وڃي رهيا آهن.
وڊيو بابت ڪيئي سوشل ميڊيا واهپيدارن جي دعويٰ آهي ته پيرسن همراهه جي عمر 150 سال کان وڌيڪ آهي پر ان حوالي سان ٽوئيٽر تي شيئر ڪيل وڌيڪ تفصيل سامهون آيا آهن.
ٽوئيٽ موجب، وائرل وڊيو ۾ موجود پيرسن همراهه جي عمر 188 سال هئڻ جي دعويٰ غلط آهي حقيقت ۾ ان شخص جي عمر 110 سال آهي ۽ سندس نالو سيارام بابا آهي.
ٽوئيٽ ۾ پيرسن همراهه بابت پرڏيهي ميڊيا تي شيئر ڪيل هڪ رپورٽ جي لنڪ پڻ موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.