اسرائيل جي بيروت ۾ هوائي حملي ۾ حزب الله جي امڪاني سربراهه کي مارڻ جي دعويٰ

بيروت (ويب ڊيسڪ ) اسرائيل بيروت تي هوائي حملي ۾ حزب الله جي امڪاني سربراهه هاشم صفي الدين کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته لبنان جي راڄڌاني بيروت تي اسرائيل فضائي بمباري ڪئي آهي، حملي جو نشانو حذب الله جو سينيئر اڳواڻ هاشم صفي الدين هو.
رپورٽ موجب، خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته حزب الله جي شهيد سيڪريٽري جنرل سيد حسن نصر الله جي جاءِ تي سندس ويجهي مائيٽ هاضم صفي الدين کي اِهو عهدو ڏنو ويندو.
حزب الله اڃا تائين اسرائيلي دعويٰ جي تصديق ناهي ڪئي پر ايئرپورٽ جي ويجهو ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا ۽ دونهين جا ڪڪر پري پري تائين تائين نظر اچي رهيا .
اسرائيل اِها به دعويٰ ڪئي آهي ته هن لبنان جي مزاحتمي تنظيم حزب الله لاءِ هٿيار تيار ڪندڙ اڳواڻ محمد يوسف انيسي کي به شهيد ڪري ڇڏيو آهي.
ان کان اڳ لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله چڪرين دوران اسرائيل جا 17 فوجي مارڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.