گوترين جي اسرائيل ۾ داخلا تي پابندي، گڏيل قومن جو ردعمل اچي ويو

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ ) گڏيل قومن جي اداري، سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي اسرائيل ۾ داخلا تي پابندي کي سياسي عمل قرار ڏئي ڇڏيو.
گڏيل قومن جي اداري پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس تي پابندي سياسي آهي، ويانا ڪنونشن تحت هڪ ملڪ ٻئي ملڪ جي سفير کي ناپسنديده شخصيت قرار ڏئي سگهي ٿو پر عالمي تنظيم خاص ڪري گڏيل قومن جي عملي تي پابنديون نٿيون مڙهي سگهجن.
واضح رهي ته اسرائيل ڪجهه ڏينهن اڳ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي ” پاپسنديده شخصيت “ قرار ڏيندي سندس ملڪ ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.