ڊينگي، چڪن گونيا ۽ زيڪا وائرس ڪيسن ۾ واڌ، صحت جي عالمي اداري خبردار ڪري ڇڏيو

جنيوا ( ويب ڊيسڪ ) صحت جي عالمي اداري ( ڊبليو ايڇ او ) سڄي دنيا ۾ ڊينگي، چڪن گونيا ۽ زيڪا وائرس جي ڦهلاءَ بابت خبردار ڪري ڇڏيو آهي.
صحت جي عالمي اداري موجب، هلندڙ سال ڊينگي، چڪن گونيا ۽ زيڪا وائرس جي ڪيسز جو انگ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو ٿي ويو آهي.
ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال آگسٽ تائين ڊينگي ۽ مڇرن سبب پکڙجندڙ ڪيسن جو انگ هڪ ڪروڙ ٽيويهه لک تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته گذريل سال ڊينگي ۽ مچرن سبب پکڙجندڙ وائرل بيمارين جو انگ 65 لک هو.
ڊبليو ايڇ او موجب، هلندڙ سال سڄي دنيا ۾ چار ارب ماڻهو مڇر سبب پکڙجندڙ ٽن بيمارن سبب متاثر ٿي سگهن ٿا جڏهن ته ڊينگي، چڪن گونيا ۽ زيڪا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ اسٽريٽيجڪ پلان شروع ڪيو ويو آهي.
ان ڏس ۾ پاڪستاني اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ به آڪٽوبر جي مهيني ۾ ڊينگي ۽ چڪن گونيا جي وبا ڪر کڻڻ لڳي آهي.
صحت جي قومي اداري موجب، ڊينگي ۽ چڪن گونيا جي سوين ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن، ڊينگي ۽ ٻيون وچرندڙ بيماريون چوماسي برساتن کانپوءِ وڌي ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.