ڪراچي (رپورٽ: ماريا اسماعيل )سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪراچي جي هاڪس بي جي 6 هزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کي ڏيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران چيف سيڪريٽري ۽ بورڊ آف روينيو پاران جواب جمع نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عدالت چيو ته سنڌ حڪومت ٻڌائي ته زمين ڊي ايڇ اي کي الاٽ ڪئي وئي آهي يا نه؟ جسٽس امجد سهتو چيو ته 9 ڊي ايڇ اي اڳ ۾ آهن، ڏهون ٺاهيو، پوءِ به هو مطمئن نه ٿيندا، عدالت ڳوٺن جي سروي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڳوٺ آباد اسڪيم جا ميمبر، بورڊ آف روينيو، ڊي سي ماڙيپور، اي سي مختيار ڪار ۽ ٻيا واسطيدار ادارا رهيل ڳوٺن جي سروي ڪن، عدالت چيو ته جيڪي به ڳوٺاڻا اتي رهن ٿا انهن جي سروي ڪري کين زمين الاٽ ڪئي وڃي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تائين ڳوٺاڻن کي هراسان نه ڪرڻ جو به حڪم ڏيندي بورڊ آف روينيو کان ڄاڻايل زمين جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي، عدالت چيو ته مختيار ڪار، ڳوٺ آباد اسڪيم، بورڊ آف روينيو ۽ ڊي ايڇ اي جون رپورٽون ڪٿي آهي؟ جنهن بعد ڳوٺ آباد اسڪيم وارن رپورٽ پيش ڪئي، بورڊ آف روينيو جي وڪيل چيو ته هاڪس بي تي ڄاڻايل زمين تي 58 ڳوٺ آباد آهن، ڊي ايڇ اي کي زمين الاٽ ڪرڻ تي پابندي آهي، هي شهيدن لاءِ زمين وٺن ٿا، عدالت بورڊ آف روينيو جي وڪيل کان پڇاڻو ڪندي چيو ته زمين الاٽ ته ڪئي آهي، اوهان جواب ڪڏهن جمع ڪرائيندا ؟ جسٽس امجد سهتو چيو ته اوهان 6 هزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کي ڏيو ٿا ۽ اوهان کي خبر ئي نه آهي؟ عدالت چيو ته اوهان زمين ڏيو ٿا يا نه اها ئي خبر اوهان کي نه آهي ؟ جڏهن ڊي ايڇ اي کي زمين الاٽ ڪرڻ تي پابندي آهي ته پوءِ ڊي ايڇ اي کي ڪيئن الاٽ ڪريو ٿا؟ سرڪاري وڪيل چيو ته هي زمين شهيدن لاءِ آهي، جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته اوهان اها زمين غريبن کي ڏيو، هنن کي ڇو ٿا ڏيو؟ عدالت ۾ درخواست اشفاق پنهور جي وڪيلن عاقب راڄپر ۽ عبيد ناريجو چيو هاڪس بي ۾ پراڻا ڳوٺ آباد آهن، سنڌ سرڪار ڀڳڙن جي مٺ تي ڊي ايڇ اي کي 6 هزار ايڪڙ زمين الاٽ ڪري رهي آهي جيڪو عمل غيرقانوني آهي، وڪيل عاقب راڄپر چيو ته هي زمين قديمي ڳوٺاڻن جي آهي، پوليس ۽ انتظاميا ڳوٺاڻن کي هراسان ڪري رهي آهي، ڊي ايڇ اي کي زمين ڏيڻ سان هزارين ڳوٺاڻا متاثر ٿيندا، عدالت سنڌ سرڪار کان اڳڀرائي واري رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 23 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتي آهي،