لاهور (م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق جو چوڻ آهي ته اسٽيبلشمينٽ سياسي پارٽين کي ٺاهي ٿي جنهن سان ڪجهه ڏکيائيون پيدا ٿين ٿيون، ڪا سياسي پارٽي پنهنجو منشور پڙهڻ جي به روادار ناهي، غلطي ڪجهه ڪن ٿا، سزا سڄي پارٽي کي ملي ٿي، هي جيڪا پارٽي چٿجي رهي آهي، اهي به ان جي ڪري ئي ان موڙ تي بيٺا آهن. پنجاب جياڳوڻي وڏي وزير غلام حيدر وائين جي ياد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ماڻهو سمجهن ٿا ته پي ٽي آءِ باني، مسلم ليگ ن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ويڙهه وڏي آهي، حقيقت اها آهي ته بلوچستان جو مسئلو سڀ کان اهم مسئلو آهي، پاڪستان جي آئين کي تسليم ڪندڙ پارٽين کي گڏ ويهڻو پوندو، آئين کي مڃيندڙ اڄ هڪ ٻئي جا گريبان پڪڙي رهيا آهن. هن چيو ته اڄ عدليه جا جج تڪراري ٿي ويا آهن، رياستي ادارن کي به سوچڻو پوندو، پاڪستان خلاف ٻاهرين سازشن کان بچڻو آهي ته گڏجڻو پوندو.