اتر وزيرستان ۾ ماڙي پيٽروليم جو هيلي ڪاپٽر ڪِري تباه، ڇهه ڄڻا اجل جو شڪار

اتر وزيرستان ۾ چارٽرڊ ايم آءِ 8 هيلي ڪاپٽر ڪِري تباهه ٿي ويو، حادثي جو شڪار ٿيندڙ هيلي ڪاپٽر ۾ٽن روسي پائيلٽن سميت 14 مسافر سوار هئا.
ماڙي پيٽروليم طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اتر وزيرستان ۾ ماڙي پيٽروليم جو چارثرڊ آءِ ايم 8 هيلي ڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته هيلي ڪاپٽر ۾ ٽن روسي پائيلٽن سميت 14 مسافر سوار هئا، حادثي جي نتيجي ۾ ڇهه ڄڻا فوت ۽ اٺ ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن.
ماڙي پيٽروليم جي ترجمان موجب، هيلي ڪاپٽر سان اتر وزيرستان ۾ اُڏام دوران آئل فيلڊ ويجهو حادثو پيش آيو، حادثو ٽيڪنيڪي خرابي سبب پيش آيو.
ترجمان جو چوڻ آهي ته حادثي جو علائقي ۾ سيڪيورٽي صورتحال يا دهشتگردي سان ڪو واسطو نه آهي، هيلي ڪاپٽر شوا وزيرستان بلاڪ ۾ پرسنل ٽرانسپورٽيشن فراهم ڪري رهيو هو.
ترجمان موجب، پاڪ فوج ۽ ٻين ادارن جون امدادي ڪارروائيون جاري آهن، حادثي جي زخمين کي سي ايم اڇ ٿل منتقل ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هيلي ڪاپٽر ۾ اُڏام ڀريندي ئي ٽيڪنيڪي فالٽ پيدا، هنگامي لينڊنگ ڪندي هيلي ڪاپٽر جو ٽيل روٽر زمين سان ٽڪرائجي ويو، حادثي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.