راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته دنيا جي ڪنهن چيف جسٽس ائين ناهي ڪيو جيئن چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪري رهيو آهي، هو ذهني طور تندرست نٿو لڳي.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهي ٽي امپائر۽ ٽي رانديگر آهن چوٿين انهن سان پي ڊي ايم مليل آهي سڀني کي هڪٻئي جي ضرورت آهي، قاضي فائز عيسيٰ پهريان ئي مُدي ۾ واڌ جو منصوبو بڻائي ڇڏيو هو، پي ٽي آءِ کان چونڊ نشان کسڻ وارو چيف جسٽس جو فيصلو جانبدراڻو هو.
هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي ججن مخصوص سيٽن واري ڪيس جي فيصلي ۾ اِهو واضح ڪري ڇڏيو آهي چيف جسٽس پهريان فراڊ اليڪشن کي تحفظ ڏنو هاڻي پي ٽي آءِ جي سيٽون کسڻ چاهي ٿو، قاضي فائز عيسيٰ مُدي وڌائڻ جي لالچ ۾ پي ٽي آءِ کي ڪرش ڪري رهيو آهي، نون ليگ ۽ پ پ فيملي پارٽيون آهن جيڪي عوامي مقبوليت وڃائي چڪيون آهن.
هن چيو ته چيف جسٽس ٽريبيونلز بدران اليڪشن ڪميشن جي امپائرن جو فيصلو ڪرائي ڇڏيو ته جيئن اڪثريت حڪومت کي ڏئي سگهجي، چيف جسٽس هاڻي 63 اي جي پٺيان پئجي ويو آهي ته جيئن فلور ڪراسنگ کي جائز قرار ڏئي سگهجي ۽ کيس ملازمت جي مدي ۾ واڌ ملي سگهي، دنيا جي ڪنهن چيف جسٽس ائين ناهي ڪيو جيئن پاڪستان جو چيف جسٽس ڪري رهيو آهي، چيف جسٽس جهڙيون حرڪتونڪري رهيو آهي، مون کي هو ذهني طور تندرست نٿو لڳي.
Prev Post
” تشريح جي آڙ ۾ آئين ٻيهر نٿو لکي سگهجي“ اي سي پي پاران 8 ججن جي وضاحت تي نظرثاني درخواست داخل
Next Post
You might also like