اسلام آباد (رئوف ڪلاسرا) جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان آئيني پئڪيج بابت حڪومت سان ڳالهين ۾ پنهنجا ٽي شرط مڃرائي ورتا آهن ۽ هن به سرڪار جون تجويز ڪيل 3 ڳالهيون قبول ڪيون آهن. مولانا فضل الرحمان اسلام آباد ۾ سينيئر صحافين سان ڳالهه ٻولهه دوران مولانا جو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسي’ طرف نرم رويو هو، لڳي ٿو ته سندس مدي ۾ واڌ ٿي ويندي. جنهن تي پي ٽي آءِ کي سخت اعتراض آهن ۽ ان جسٽس منصور علي شاهه جي چيف جسٽس طور مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سرڪار ۽ مخالف ڌر عدليه کي پنهنجو حامي بڻائي ان کي ورهائي ڇڏيو آهي، جيڪا خطرناڪ صورتحال آهي. مولانا فضل الرحمان سپريم ڪورٽ جي ججز جو انگ وڌائڻ واري تجويز روڪرائي آهي. ان کانسواءِ هن انساني حقن جي حوالي سان تڪراري شقن ۽ فوج کي ماڻهن کي کنڀڻ جا وڌيڪ اختيار ڏيڻ جي مخالفت ڪئي آهي، جنهن کي به روڪيو ويو آهي. جڏهن ته حڪومت آئيني عدالت قائم ڪري سپريم ڪورٽ جا اختيار ورهائڻ جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. هن ملازمن جي رٽائرمنٽ جي عمر وڌائڻ واري تجويز پڻ مڃي ورتي آهي، جنهن سان آرمي چيف ۽ ججز جي رٽائرمنٽ جو مدو پاڻمرادو وڌي ويندو. ان کانسواءِ مولانا فضل الرحمان فوجي عدالتن جي قيام لاءِ به نيم راضپو ظاهر ڪندي چيو ته انهن عدالتن جي وقتي طور اجازت هجڻ گهرجي ته جيئن 9 مئي ۽ ٻين فوجي عدالتن سان لاڳاپيل ڪيسن ۾ جوابدارن کي سزا ڏئي سگهجي. صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل الرحمان کي مڃائي ورتو آهي. ٻنهي ڌرين ۾ گهڻي حد تائين معاملا طئي ٿي ويا آهن. شايد آئيني ترميمن جو بل بلاول ڀٽو زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان گڏجي پيش ڪن. ان مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته آئيني ترميمن جو پئڪيج اتفاق راءِ سان منظور ٿيڻ گهرجي. ان لاءِ مخالف ڌر جي پارٽين سان پڻ ڳالهيون ڪيون وڃن.