ايم ڊي ڪيٽ امتحان، اهليت تي ڌاڙو

تحرير: سڪندر چنو

ايم ڊي ڪيٽ جو مطلب آهي ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليج ايڊميشن ٽيسٽ. اسين ڪنهن جي غلط ۽ غير قانوني همت افزائي ڪندي پڇتاءُ يا شرم ساري به محسوس ڪونه ڪندا آهيون. چند ڏوڪڙن خاطر جڏهن ڪنهن جي ڪيل محنت کي باهه جي آڙاهه ۾ اڇلي پاڻ کي سڪون ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. ان وقت اسان کي اندر جو ضمير ندامت ۽ ملامت ته ضرور ڪندو آهي پر جڏهن ته اسين نفسياتي طور چند ڏوڪڙن تي وڪامجي جو ويندا آهيون ان ڪري اسان مٿان ٿيندڙ ندامت ۽ ملامت جو ڪوبه اثر نه ٿيندو. ايم ڊي ڪيٽ امتحان ۾ بيقائدگيون ڪندڙ ماڻهن جي اندر جو ضمير مري ويو آهي.

دنيا جي اڪثر ملڪن سميت بنگلاديش ۾ انقلاب ڪيئن آيو؟  آهي ڪنهن کي ڄاڻ؟ اهل ۽ محنت ڪندڙ شاگردن جو بنگلاديش جا نااهل ۽ ڪرپٽ حڪمران ۽ بيوروڪريٽ حق ماري رهيا هئا. جڏهن ناانصافي ۽ ظلم جي انتهائي ته نااهل ۽ ڪرپٽ حڪمرانن جو زوال شروع ٿيو. جيڪو نوجوان نالي ناهيد پاڻ سان ٿيل ناانصافي بابت حڪومت خلاف آواز بلند ڪيو ته حڪومت ان کي خفيا ايجنسين کان کڻائي تشدد ڪري بيهوشي واري حالت ۾ رات جي پيٽ ۾ روڊ جي هڪ پل هيٺيان ڦٽو ڪري ويا. نوجوان تشدد سبب ۽ سخت زخمي هجڻ باوجود همٿ نه هاري ۽ سوشل ميڊيا وسيلي نوجوانن کي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ انهن کي جاڳائيندو رهيو ۽ پنهنجو داستان ٻڌائيندو رهيو. نيٺ ان ظلم ۽ بربريت جيڪا چڻنگ ٻاري ۽ ان ۾ جيڪي سڙي خاڪ ٿي ويا. دنيا جي سامهون آهي.

ان ڪري اندر مان خوف ڪڍي پنهنجي حقن لاءِ وڙهڻو پوندو. همٿ ناهي هارڻي انقلابي صورت ۾ ظلم ڪندڙن کي به نه ڇڏڻ گهرجي جن ايم ڊي ڪيٽ يا NTS ۾ ڪروڙين روپيا ڪمايا آهن. انهن کان حساب وٺڻ گهرجي. هاڻي سوال اهيو ٿو پيدا ٿئي ته ان سموري ناانصافي جي دانهن ڏجي ته ڪنهن کي ڏجي؟ ڇاڪاڻ ته سڀ ڪرپٽ آهن. بهرالحال جيڪي شاگرد محنت ڪري امتحانن ۾ ويهن ٿا ۽ انهن جي حقن تي ڌاڙا هنيا وڃن ٿا اهي مايوس نه ٿين ۽ انهن ڪرپٽ ۽ نااهل عنصرن جو پيڇو ڪندا رهن. هڪ ڏينهن اهي پنهنجي موت پاڻ مري ويندا. سنڌ ۾ به ايم ڊي ڪيٽ جي امتحان ۾ هن ڀيري به هڪ مشڪوڪ ريهرسل ڪئي وئي آهي.

قابل شاگرد سراپا احتجاج آهن. پر ٻڌڻ وارو ڪير ناهي. مون کي الائجي ڇو لڳي ٿو ته پاڪستان خوني انقلاب طرف وڌي رهيو آهي. غريب شاگردن جي والدين محنت مزدوري ڪري ٻچڙن کي پرائيويٽ ٽيوشنون ڏياريون انهن تي خرچ ڪن ٿا. قرض کڻي، وياج کڻي، گهرن جا سونا زيور وڪڻي، گهر وڪڻي صرف ان اميد سان ته اهو ڪامياب ٿي معاشري جا بهترين فرد طور اڀري والدين جي ۽ معاشري جي خدمت ڪندا. ايم ڊي ڪيٽ وسيلي انهن سان ناانصافيون ۽ انهن جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي. ملڪ جو هر ادارو ڪرپٽ ٿي ويو آهي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تي ڇا لکان ان جهڙو ڪرپٽ ادارو سنڌ ۾ ناهي. 100 نوڪرين مان 20 نوڪريون غريبن کي ميرٽ تي باقي 80 نوڪريون ڪروڙين ۾ وڪرو ٿين ٿيون. پوءِ اسين نفسياتي طور سوچيندا آهيون ته ادا پبلڪ سروس ڪميشن ۾ انصاف آهي. ڦلاڻي غريب کي اهليت تي نوڪري ملي آهي. اهو ناهيون سوچيندا ته باقي 80 نوڪريون ڪاڏي ويون؟ مان ڄاڻان ٿو ته جيترو سنڌ جي نوجوان ۾ اهليت ۽ ٽيلينٽ آهي شايد ڪنهن ٻئي صوبي ۾ هجي. سنڌ جو نوجوان ڇوڪرو هجي يا نياڻي ڏينهن رات محنت ڪن پيا. CSS ۽ SPSC ۾ پاڻ مڃرايو آهي. اڳوڻي آمر پرويز مشرف چيو هو ته سنڌ جي ماڻهوءَ ۾ اهليت ناهي. پر سندس ئي دور حڪومت ۾ سنڌ جا نوجوان CSS ۽ SPSC ۾ ٽاپ ڪري سندس جا حوش حواس گم ڪري ڇڏيا ۽ جڏهن صدر پرويز مشرف گهر ۾ چانهن پيئندي سندس اڳيا اخبار ۾ ٽاپ پوزيشن کڻندڙ سنڌ جي شاگردن جا نالا ۽ ڦوٽو ڏٺا ته هو چانهن اڌ ۾ ڇڏي سگريٽ جو ڪش هڻندي هڪ ڊگهي سوچ ۾ گم ٿي ويو ۽ سندس کي چيل لفظن تي پڇتاءُ ۽ شرمساري ٿي. بهرالحال ايم ڊي ڪيٽ ۾ جيڪو به آفيسر ناانصافي ڪري ٿو اهو ڪو ٻيو ناهي پنهنجو ئي آهي. ان کي شرم ان وقت به ضرور ايندو هوندو جڏهن حق تلفي ڪندي ڏوڪڙن عيوض ضمير وڪرو ڪيو ۽ اهي پئسا گهر کڻي وڃي خاندان کي عياشيون ڪرائيندو هوندو سندس کي شرم اچڻ گهرجي. ساڳي حالت NTS اداري جي به آهي. انهن جا ايجنٽ مقرر ٿيل آهن. پر وري به سوال اهيو ٿو پيدا ٿئي ته ان سموري آٿم ڪٿا جي دانهن ڪنهن کي ڏجي؟ انصاف آهي ڪونه. سپريم ڪورٽ جي فيصلن کي پيرن هيٺيان لتاڙيو وڃي ٿو ته باقي ملڪ ۾ قانون خاڪ جو هوندو. ايم ڊي ڪيٽ کي آءُ ڄاڻان ٿو هن ۾ ويٺلن جي اهليت کي سڃاڻان ٿو هو مڪمل طور ڪرپٽ ۽ نااهل آهن ۽ اداري کي ڄاڻي واڻي بدنام ڪري رهيا آهن. جيڪي ادارا امتحان وٺن ٿا ايم ڊي ڪيٽ، NTS يا ٻيا هڪ ٻئي جا مخالف آهن. هنن  ۾ ويٺل پاڻ ان ڪڌي ڪاروبار يا ڪم ۾ ملوث آهن. انهن جي اثاثن جي صاف شفاف جاچ ٿئي ته سڀ ڪجهه کير جيان ظاهر ٿي پوندو. پر ڪري ڪير FIA – NAB يا اينٽي ڪرپشن ڇا انهن ٽنهي ادارن ۾ ويٺل صبح جو کير سان وهنجي ايندا آهن؟ ڍ اڄ به وڏي واڪي چوان ٿو ته ايم ڊي ڪيٽ جن کان ڏوڪڙ وٺي پاس ڪرائن ٿا انهن کي منهنجي پٽ سامهون مقابلو ڪرايو وڃي. بهرالحال منهنجي پٽ کي صرف 2 مارڪن تان ڪيرايو ويو. ميڊيڪل جي ٽيسٽ ۾. هاڻي دل برداشت ٿيندي لاهور ۾ ايم زون ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن ملڪ جا ادارا سڌريل هجن، ڪرپشن نه هجي ته ملڪ اڄ هن بدشڪل واري شڪل ۾ دنيا آڏو بيٺل نه هجي ها. افغانستان پاڪستان کان معاشي طور تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو آهي. صرف اتي قانون جو مان مٿانهون آهي. رشوت ۽ ڪرپشن ناهي. عام ماڻهو به روزانو آرمي چيف، وزيراعظم، صدر ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن سان ميل جول ڪري شڪايتون ڪندي ڏسون ٿا.

بهرالحال ايم ڊي ڪيٽ ۾ ڪاپي جي ڌم ٻڌڻ ۾ آئي جيڪا مختلف ڊيوائيس وسيلي ڪئي ويئي. ان ڪڌي ڪم ۾ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن اسلام آباد جا رٽائرڊ ملازم ملوث نڪتا آهن. جن اميدوارن کان وڏي رشوت ورتي. اهي رٽائر آفيسر رٽائرمينٽ کان اڳ ڇا ڇا نه ڪندا هوندا؟ الله پاڪ انهن کي قبر ۾ ضرور عذاب ڏيندو. انهن نام نهاد ڪردارن کي سزا ڪير ڏيندو؟ سزا نٿا ڏيو ته انهن جي پينشن بند ڪئي وڃي. اسان جي گادي واري شهر جو اهيو الميو آهي ته باقي ٻين شهرن جي حالت ڪهڙي هوندي؟ امتحانن لاءِ ڪاپي ڪرائڻ ۽ بدعنواني ڪرڻ لاءِ دفتر کليل آهن. MD ڪيٽ تمام اهم امتحان آهي ان ۾ ڪاميابيون ماڻڻ لاءِ والدين اولاد تي وڏو خرچ ڪن ٿا. ۽ شاگرد ڏينهن رات هڪ ڪري محنت ڪن ٿا. سرڪاري ادارن ۾ ويٺل ملازم اهڙي امتحان کي تماشو بڻائن ٿا ۽ شاگردن جي ڪيل محنت کي پيرن هيٺيان لتاڙي اولڙگاهه بڻائن ٿا. ملڪ ۾ انارڪي واري صورتحال آهي. قانون جي رٽ ختم ٿي چڪي آهي. حڪمران ڌر سپريم ڪورٽ کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي. ايم ڊي ڪيٽ امتحان ۾ ٻين صوبن سميت سنڌ جي به حالت ڪا چڱي ناهي رهي. اڄ به اهل ۽ محنتي شاگرد سراپا احتجاج آهن. انهن جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي. کاتن ۾ ويٺل اڪثر ڪري ماڻهو اکين سان گهٽ پر پيٽ جي اکين سان ڏسي رهيا آهن. سندن وات هڪ وڏي پهاڙ جيان کليل آهن. تازو ميڊيڪل جي ٽيسٽ ۾ اڪثر ڪري اهي اميدوار ڪامياب ٿيا آهن جن وٽ تمام گهڻو پئسو آهي. غريب آخرڪار ڪاڏي وڃي؟ ڇا غريب کان تعليم وارو حق به کسيو ويو آهي؟ PMDC هن سموري واردات کي روڪڻ ۾ ناڪام رهي آهي ۽ لڳي ائين ٿو ته اهي به سهولتڪار ئي آهن. اڳوڻي چيف جسٽس عبدالحميد ڊوگر جي نياڻي جا نمبر ڄاڻي واڻي وڌايا ويا. جڏهن ان جو معاملو سامهون آيو ته ان خلاف ڪهڙي ڪاروائي ڪئي ويئي؟ ان سموري معاملي ۾ ڏوهه اسان جو ئي آهي اسين عوام اشرافيا جي حمايت ۾ ٽارزن ۽ پهلوان بڻيل رهندا آهيون. پاڻ سان ٿيندڙ ظلم ستم يا ناانصافي بابت هڪ لفظ به ناهيون ڪڇندا. اسان جيڪڏهن روئيندا به آهيون ته اشرافيا لاءِ پنهنجي ڏکن جي ڪابه پرواهه ناهي. پنهنجي لاءِ اکين ۾ پاڻي ناهي. اهي مسئلا ان وقت ختم ٿيندا جڏهن اسين خوف کان ٻاهر نڪرنداسين ۽ هڪ آواز ٿي ان خلاف جدوجهد ڪرڻي پوندي. في الحال اسين غلاميءَ جي زنجير ۾ جڪڙيل آهيون. بحرالحال ايم ڊي ڪيٽ کي گهرجي ته تازو ٿيل ٽيسٽ کي رد ڪري ٻيهر ورتي وڃي ۽ اهليت جي جنازي ڄاڻي واڻي دفن نه ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته اهليت زنده آهي ان کي مردو قرار نه ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.