ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ٽويوٽا گاڏيون ٺاهيندڙ انڊس موٽر ڪمپني پنهنجو پلانٽ عارضي طور بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ٽويوٽا گاڏيون ٺاهيندڙ انڊس موٽر ڪمپني پنهنجي پلانٽ جي عارضي طور بندش جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ ان حوالي سان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج کي به آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
انڊس موٽرز طرفان اسٽاڪ ايڪسچينج کي لکيل خط ۾ پروڊڪشن پلانٽ خميس 26 سيپٽمبر کان 30 سيپٽمبر تائين بند رکڻ جو اطلاع ڏنو ويو آهي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته گاڏيون ٺاهڻ جي پارٽس جي کوٽ سبب پروڊڪشن جو عمل متاثر آهي، تنهن ڪري سڀاڻي کان ٽويوٽا ڪمپني جو پيداواري عمل 5 ڏينهن لاءِ بند رهندو.
You might also like