چيمپيئنز ٽرافي: بين اسٽوڪس ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ واپسي جو اشارو ڏئي ڇڏيو

لنڊن (ويب ڊيسڪ ) انگلينڊ جي ٽيسٽ ٽيم ڪپتان بين اسٽوڪس پاڪستان ۾ شيڊيولڊ چيمپيئنز ٽرافي 2025ع کان اڳ رٽائرمينٽ واپس وٺڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي انگلش آل رائونڊر بين اسٽوڪس نوجوان وائيٽ بال ٽيم جي رانديگرن جي واکاڻ ڪندي هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ واپسي جو اشارو پڻ ڏنو.
ميزبان بين اسٽوڪس کان ون ڊي انٽرنيشنلز ۾ امڪاني واپسي بابت سوال پڇيو ويو جنهن جي جواب ۾ آل رائونڊر چيو ته جيڪڏهن مون کي فون ايندي ۽ چيو ويندو ته ” ڇا اوهان اچڻ ۽ کيڏڻ چاهيو ٿا؟ “ ته يقيني طور تي مان هائو ڪندس.
بين اسٽوڪس وڌيڪ چيو ته انگلينڊ لاءِ تمام گهڻي ڪرڪيٽ کيڏي آهي ۽ پنهنجي ڪيرئير تي خوش ۽ مطمئن آهيان.
واضح رهي ته انگلش ٽيم بين اسٽوڪس جي قيادت ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز لاءِ ايندڙ مهيني پاڪستان جو دورو ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.