سڀاڻي کان تيز هوائون ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڀاڻي کان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي موجب 26 سيپٽمبر کان پهرين آڪٽوبر تائين اسلام آباد، پنجاب، خيبر پختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ برسات جو امڪان آهي.
خميس کان ڇنڇر تائين ميرپورخاص، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ ڀرپاسي ۾ به برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته سنڌ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي.
هوڏانهن بلوچستان جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ به موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.