حزب الله جو تل ابيب ڀرسان موساد جي هيڊ ڪوارٽر تي ميزائل حملو

بيروت (ويب ڊيسڪ) لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله تل ابيب کي ميزائل سان نشانو بڻايو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب حزب الله اڄ صبح اسرائيل جي اهم شهر تل ابيب ڀرسان اسرائيلي ڳجهي ايجنسي موساد جي هيڊ ڪوارٽر کي قادر ون بيلسٽڪ ميزائل سان نشانو بڻايو پر اسرائيلي دفاعي نظام ميزائل کي هوا ۾ ئي ڪيرائي ڇڏيو.
حزب الله به پنهنجي هڪ بيان ۾ تل ابيب ڀرسان قائم موساد جي هيڊ ڪوارٽر کي نشانو بڻائڻ جي تصديق ڪندي چيو ته اسان غزا جي فلسطينين جي حمايت ۽ لبنان جي شهرين جي دفاع لاءِ اڄ تل ابيب ۾ موساد هيڊ ڪوارٽر کي ميزائل سان نشانو بڻايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.