ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي چيف سليڪٽر هارون رشيد چيو آهي ته پاڪستان ۾ بدقسمتي سان ڪپتاني ٽيم ۾ اچڻ کانپوءِ سکي ويندي آهي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي چيف سليڪٽر هارون رشيد چيو ته پاڪستان جي ڪرڪيٽ ڪيئي مسئلن جو شڪار آهي، مون سميت اڳوڻن ڪرڪيٽرز کي سڏايو ويو هڪ ٻن ڪلاڪن جي ميٽنگ ٿي پر هڪ ٻن ڪلاڪن جي ميٽنگ سان مسئلا ختم نٿا ڪري سگهجن.
اڳوڻي چيف سليڪٽر موجب، پاڪستان جي ڪرڪيٽ کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڊگها سيشن ڪرڻا پوندا، پي سي بي سان واڳيل رهيو آهيان، اهڙي صورتحال پهريان ڪڏهن ناهي ڏٺي.
هن چيو ته دنيا پي سي بي ۽ پاڪستان ٽيم تي کلي رهي آهي ، انڊر 19 ٽورنامينٽ شروع ڪري بند ڪرڻ ، ريڊ بال سيريز کان اڳ وائيٽ بال ٽورنامينٽ ڪرائڻ، ائين لڳي ٿو پي سي بي عملدار ٻڏتر جو شڪار آهن، وٽن ڪو ويزن ئي ناهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪنيڪشن ڪئمپ ۾ اسان دنيا کي ٻڌائي ڇڏيو ته ٽيم متحد نه آهي، بدقسمتي سان ڪپتاني پاڪستان ۾ ۾ اچي سکي ويندي آهي.
You might also like