ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جي صدر سينيٽر ايمل ولي خان پي ٽي آءِ کي طالبان جي سياسي ونگ قرار ڏئي ڇڏيو.
ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ايمل ولي خان چيو ته پي ٽي آءِ حقيقت نه هڪ پراجيڪٽ هو، جنهن جي پويان اولهه ايجنڊا آهن، عمران خان جي اسرائيل سان لاڳاپن بابت خبرون هلن پيون، دهشتگردن ۽ دفاعي اداري جي ڪري پي ٽي آءِ وجود ۾ آئي.
هن چيو چونڊن کان اڳ ئي مون کي خبر هئي ته علي امين گنڊاپور وڏو وزير ٿيندو، پي آئي جا ماڻهو عمران خان جا نه پر اداري جا ماڻهو آهن، جهاز ڀري ماڻهن کي پي ٽي آئي ۾ شامل ڪيو ويو.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي عوام جا اصل مسئلا مهانگائي، معيشت، بدامني آهن، انهن مسئلن تي اسان سڀني کي گڏجي ويهڻ گهرجي، پي ٽي آئي اهڙي جماعت آهي جيڪا سياسي جماعتن سان ڳالھين لاءِ تيار ناهي.
اي اين پي صدر چيو ته عمران خان طالبان جي حمايت ڪئي، چيائين ته پشاور ۾ انهن کي آفيسون ڏيو، تحريڪ انصاف طالبان جي سياسي ونگ آهي.
Prev Post
You might also like