لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف مينار پاڪستان لاهور ۾ جلسي لاءِ ضلعي انتظاميا کي درخواست ڏئي ڇڏي.
پي ٽي آءِ جي صوبائي نائب صدر اڪمل خان باري طرفان داخل درخواست ۾ ڇنڇر 5 آڪٽوبر تي مينار پاڪستان تي جلسي جي اجازت ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.
درخواست ۾ ضلعي انتظاميا کان جلسي لاءِ شام 5 وڳي کان رات 10 وڳي تائين جي اجازت طلب ڪئي وئي آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته 5 آڪٽوبر تي پارٽي قائد عمران خان جي سالگرهه آهي، سمورا ورڪر ۽ ليڊر جلسي جي صورت ۾ پنهنجي قاعد سان عقيدت جو اظهار ڪرڻ چاهين ٿا.
درخواست موجب خاطري ڪرايون ٿا ته جلسي ۾ شرڪت ڪندڙ آئيني ۽ قانوني ضابطن جو مڪمل خيال رکندي عملدرآمد ڪندا،.
تحريڪ انصاف عمران خان جي سالگرهه واري ڏينهن مينار پاڪستان تي جلسي جي اجازت گهري ورتي
You might also like