قتل ڪيس ۾ نامزد شڪيب الحسن کي هوم سيريز کيڏڻ لاءِ گرين سگنل ملي ويو

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شڪيب الحسن کي ڏکڻ آفريڪا خلاف هوم سيريز کيڏڻ جو گرين سگنل ملي ويو.
شڪيب الحسن قتل جي ڪيس ۾ نامزد آهي جنهن کانپوءِ شڪيب وطن واپس نه ويو هو، هو پاڪستان خلاف ٽيسٽ سيريز کيڏڻ کانپوءِ انگلينڊ ويو ۽ اتان ڀارت ۾ ٽيم کي جوائن ڪيو.
بنگلاديشي آل راونڊر جي هوم سيريز کيڏڻ بابت بي سي بي جي آپريشنز سربراهه شهريار نفيس جو چوڻ آهي ته شڪيب الحسن جي بنگلاديش ۾ کيڏڻ ۾ ڪو مسئلو ناهي، حڪومت طرفان واضح پيغام آهي ته ڪنهن کي غير منصفاڻي طور تي هراسان نه ڪيو ويندو.
هن چيو ته انجري يا فارم سبب ڊراپ ٿيڻ الڳ شئي آهي، باقي سندس ٽيم ۾ شموليت يا کيڏڻ تي ڪو مسئلو ناهي، ٻئي پاسي حڪومتي قانوني صلاحڪار به شڪيب الحسن جي ڏيهه واپسي تي گرفتار نه ڪرڻ جو اشارو ڏئي چڪا آهن.
واضح رهي ته ڏکڻ آفريڪا کي ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ آڪٽوبر ۾ بنگلاديش جو دورو ڪرڻو آهي، بنگلاديش ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ 21 ۽ ٻي ٽيسٽ 29 آڪٽوبر تي شيڊيولڊ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.