لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪراچي کان لاهور پهچندڙ نجي ايئر لائن جي جهاز ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ ڪئي.
ايئرپورٽ ذريعن موجب جهاز جا سمورا در کولي مسافرن کي سلائيڊز ذريعي ڪڍيو ويو.
ايئرپورٽ ذريعن جو چوڻ آهي ته جهاز جي لينڊنگ کان اڳ فائر بريگيڊ ۽ ايمبولينس کي به طلب ڪيو ويو هو.
ايئرپورٽ ذريعن موجب ايمرجنسي لينڊنگ کان اڳ جهاز جي ڪارگو سائيڊ مان دونهون نڪرندي ڏٺو ويو، مسافرن کي جهاز جي اندران ڪو سامان به کڻڻ نه ڏنو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جهاز اندر 31 مسافر سوار هئا، ٽيڪنيٽڪل ٽيم جهاز جو معائنو ڪري رهي آهي.
You might also like