ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ثقافت کاتي جي ٻه رڪني جاچ ڪميٽي مصور صفي سومرو جون پينٽنگز واري معاملي جي تفصيلي رپورٽ ثقافت ۽ سياحت کاتي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه کي پيش ڪري ڇڏي آهي.
ٻه رڪني جاچ ڪميٽيءَ ۾ ڊي جي ڪلچر منور مهيسر ۽ ڊي جي آرڪيالوجي اينٽيڪيوٽيز عبدالفتاح شامل هئا، جن کي فيريئر هال انتظاميا شروعاتي معلومات وٺڻ کانپوءِ تفصيلي جائزو کانپوءِ رپورٽ مرتب ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو هو.
رپورٽ موجب، فيريئر هال ۾ موجود پينٽنگز 2017ع کان اتي ئي موجود آهن ۽ نه ٿيون هيون، اِهي پينٽنگز ڊرامي جي شوٽنگ ۾ نظر ايندڙ پينٽنگز ئي آهن، ڇو ته ڊرامو جو اِهو منظر فيريئر هال ۾ شوٽ ڪيو ويو هو.
جاچ رپورٽ ۾ اِهو به انڪشاف ٿيو آهي ته مختلف ايگزيبيشنز دوران پينٽنگز کي مختلف هنڌن تي منتقل ڪيو ويندو آهي جنهن سبب غلط فهمي پيدا ٿي.
رپورٽ موجب، مصور صفي سومرو پنهنجي پينٽنگز واپس وڍڻ ۾ ڪا به دلچسپي ظاهر ناهي ڪئي جڏهن ته پينٽنگز فيريئر هال ۾ ئي موجود آهن.
ياد رهي ته آرٽسٽ صفي سومري پاڪستاني ڊرامي ” ڪڀي مين ڪڀي تم“ ۾ پنهنجي پينٽنگز ڏسڻ کانپوءِ الزام مڙهيو هو ته فيريئر هال انتظاميا سندس پينٽنگز وڪرو ڪري ڇڏيون آهن.
Next Post
You might also like