سوات ۾ پرڏيهي سياحن جي داخلا بند

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه حڪومت سوات ۾ پرڏيهي سياحن جي داخلا بند ڪري ڇڏي.
اختيارين طرفان اهو فيصلو گذريل ڏينهن پرڏيهي سفارتڪارن تي ٿيل حملي کانپوءِ ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب انگلينڊ جي هڪ جوڙي کي چيڪ پوسٽ تي روڪيو ويو، ٻئي زال مڙس سوات ۾ تفريح لاءِ آيا هئا.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن سوارت ۾پرڏيهي سفارتڪارن جي قافلي کي روڊ ڪناري لڳل ڌماڪيدار مواد سان نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي.
ڌماڪي جي نتيجي ۾ قافلي سان سيڪيورٽي اسڪواڊ ۾ شامل پوليس جي گاڏي کي نقصان پهتو، واقعي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته سمورا سفارتڪار محفوظ رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.