ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديشي فوجي عورتن کي حجاب پائڻ جي اجازت ملي وئي.
بنگلاديشي ميڊيا موجب عورت فوجين کي حجاب پائڻ بابت ايڊجوٽينٽ جنرل جي آفيس حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي، حڪم نامي ۾ عورت اهلڪارن کي وردي سان گڏ حجاب پائڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.
ان کان اڳ عورت اهلڪارن، آرمڊ فورسز نرسنگ اسٽاف کي اسڪارف پائڻ جي اجازت نه هئي.
You might also like