مشن ورلڊ ڪپ، پاڪستان وومين ٽيم دبئي پهچي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ڪپتان فاطمه ثناءَ جي قيادت ۾ دبئي پهچي وئي آهي.
عالمي ڪپ کان اڳ پاڪستان ٽيم ٻه وارم اَپ ميچون کيڏندي، قومي ٽيم پهرين وارم اَپ ميچ 28 سپٽيمبر تي اسڪاٽ لينڊ ۽ ٻي ميچ 30 سپٽيمبر تي بنگلاديش خلاف کڏيندي.
پاڪستان وومين ٽيم ورلڊ ڪپ مهم جي شروعات ٽي آڪٽوبر تي سريلنڪا خلاف شيڊيول ميچ کان ڪندي، جڏهن ته ڇهه آڪٽوبر تي ميگا ايونٽ جو سڀ کان وڏو ٽاڪرو يعني پاڪ-ڀارت مقابلو ٿيندو.
قومي ٽيم 11 آڪٽوبر تي آسٽريليا خلاف ٽِين ميچ کيڏندي، ميگا ايونٽ ۾ پاڪستان پنهنجي آخري ميچ نيوزيلينڊ خلاف 14 آڪٽوبر تي ميدان ۾ لهندي.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي قومي وومين ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته وومين ٽيم پليئرز باصلاحيت آهن، پُراميد آهيون ته قومي ٽيم آءِ سي سي وومين ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.