تهران (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ هڪ فوجي پريڊ دوران اسلامي انقلابي گارڊ ڪور مقامي طور تي تيار ڪيل ”جهاد“ نالي هڪ نئين بيلسٽڪ ميزائل جي نمائش ڪئي آهي.
ايراني سرڪاري ميڊيا موجب جهاد ميزائل سسٽم جي پهريون ڀيرو باضابطا طور رونمائي ڪئي وئي آهي، اهو بيلسٽڪ ميزائل 1000 ڪلو ميٽرن تائين مار ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
اهو بيلسٽڪ ميزائل ايران جي ٻين ليڪوئڊ فويل وارن ميزائلن کان ان ڪري مختلف آهي، ڇو ته اهو ٻٽو ميزائل لانچر آهي.
ايراني ميڊيا موجب جهاد ميزائل ”قائم“ ميزائل جو هڪ بهترين ورزن آهي، جنهن جي رينج 800 ڪلو ميٽر مان وڌائي هڪ هزار ڪلو ميٽر ڪئي وئي آهي ۽ ان جي وار هيڊ کي گائيڊڊ ڪيو ويو آهي.
You might also like