بالي ووڊ فلم ”لاپتا ليڊيز“ آسڪرز لاءِ نامزد

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) هلندڙ سال رليز ٿيل ڀارت جي مشهور فلم ” لاپتا ليڊيز “ وڏو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي.
ڪرن رائو جي هدايتڪاري هيٺ ٺهندڙ فلم ” لاپتا ليڊيز “ هلندڙ سال پهرين مارچ 2024 تي رليز ڪئي وئي هئي، جنهن کي دنيا جي سڀ کان وڏي فلمي ايوارڊز آسڪر 2025 لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.
فلم فيڊريشن آف انڊيا طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته فلم لاپتا ليڊيز کي آسڪر ايوارڊز 2025 ۾ انٽرنيشنل فلم ڪيٽيگري لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، 12 هندي، 6 تامل ۽ 4 مليالم فلمن مان لاپتا ليڊيز کي آسڪر ايوارڊ لاءِ چونڊيو ويو آهي.
فلم جي مرڪزي ڪاسٽ ۾ پرٿڀار رانتا، سپارش شريواستو ۽ نيتانشي گوئل اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، فلم بابت ڪرن رائو مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته جيڪڏهن سندس فلم آسڪر ايوارڊز لاءِ نامزد ٿي ويندي ته سندس خواب پورو ٿي ويندو.
سندس چوڻ هو ته مون کي اميد آهي ته آسڪر ايوارڊز جي انتظاميا فلم لاپتا ليڊيز تي غور ڪندي ۽ يقينن سڀ کان سٺي فلم آسڪر ايوارڊ ماڻيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.