السلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن بابت ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ جسٽس امين الدين ۽ جسٽس نعيم افغان جا اختلافي نوٽ کي غير مناسب قرار ڏنو ويو آهي.
اڪثريتي ججز جي تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ٻن ساٿي ججن امين الدين ۽ جسٽس نعيم افغان سندن فيصلي سان اتفاق ناهي ڪيو.
تفصيلي فيصلي ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس امين الدين ۽ جسٽس نعيم اختر اختلافي نوٽ کي سپريم ڪورٽ جي ججن جي منصب جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو ويو.
تفصيلي فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ جي اٺ ججن حڪم جاري ڪيو ته اليڪشن ڪميش مخصوص سيٽن تي تحريڪِ انصاف جي اميدوارن کي نوٽيفاءِ ڪري.
سومر جي ڏينهن جاري ڪيل تفصيلي فيصلو ستر صفحن تي ٻڌل آهي، جيڪو جسٽس منصور علي شاهه لکيو آهي.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ساٿي ججن جو 3 آگسٽ وارو اختلافي نوٽ سپريم ڪورٽ جي ججن جي حوالي سان مناسب ناهي، انهن ججن چيو ته سندن فيصلو آئين موجب نه آهي، جسٽس امين الدين ۽ جسٽس نعيم اختر افغان جو عمل سپريم ڪورٽ جي ججن جي منصب جي خلاف آهي.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته بئنچ ميمبر طور هو قانوني طور تي حقيقتن ۽ قانون سان اختلاف ڪري سگهن ٿا، ساٿي جج مختلف راءِ به ڏئي سگهي ۽ ٻئي جي راءِ تي تبصرو به ڪري سگهن ٿا پر جنهن ريت ٻنهي ججن اختلاف ڪيو اِهو غير مناسب آهي.
عدالت لکيو ته وڌيڪ پريشاني جوڳي ڳالهه اِها آهي ته جج پنهنجي راءِ ڏيندي حدون اورانگهي ويا ۽ ٻن ججن 80 ڪامياب اميدوارن کي وارننگ ڏني.
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جي اڪثريتي ججز طرفان اڄ مخصوص سيٽن بابت ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪيو ويو آهي.
You might also like