مخصوص سيٽن بابت تفصيلي فيصلو:”سياسي پارٽي کي عام چونڊن ۾ اميدوار بيهارڻ کان نٿو روڪي سگهجي“

السلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن بابت ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ جسٽس امين الدين ۽ جسٽس نعيم افغان جا اختلافي نوٽ کي غير مناسب قرار ڏنو ويو آهي.
اڪثريتي ججز جي تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ٻن ساٿي ججن امين الدين ۽ جسٽس نعيم افغان سندن فيصلي سان اتفاق ناهي ڪيو.
سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست تي مخصوص سيٽن واري ڪيس ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي سپريم ڪورٽ 12 جولاءِ تي ڪيس جو مختصر فيصلو جاري ڪيو هو.
تفصيلي فيصلي ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس امين الدين ۽ جسٽس نعيم اختر اختلافي نوٽ کي سپريم ڪورٽ جي ججن جي منصب جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو ويو.
تفصيلي فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ جي اٺ ججن حڪم جاري ڪيو ته اليڪشن ڪميش مخصوص سيٽن تي تحريڪِ انصاف جي اميدوارن کي نوٽيفاءِ ڪري.
سومر جي ڏينهن جاري ڪيل تفصيلي فيصلو ستر صفحن تي ٻڌل آهي، جيڪو جسٽس منصور علي شاهه لکيو آهي.
تفصيلي فيصلي ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جا مخصوص سيٽن بابت فيصلا ڪالعدم قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي پهرين مارچ جي فيصلي جي ڪابه قانوني حيثيت ناهي.
عدالتي فيصلي موجب، اليڪشن ڪميشن جو فيصلو آئين سان ٽڪراءَ ۾ آهي، تحريڪ انصاف هڪ سياسي پارٽي آهي، چونڊ تڪرار بنيادي طور ٻين سول تڪرارن کان مختلف هوندو آهي،
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته چونڊ نشان نه هئڻ چونڊ وڙهڻ بابت سياسي پارٽي جي حق کي متاثر نه ٿو ڪري سگهي، آئين ۽ قانون سياسي پارٽي کي عام چونڊن ۾ اميدوار بيهارڻ کان نه ٿو روڪي.
تفصيلي فيصلي موجب، عام چونڊن ۾ سڀ کان وڏو اسٽيڪ عوام جو هوندو آهي، عوامي خواهش جي اظهار ۽ جمهوريت لاءِ صاف ۽ شفاف چونڊون ضروري آهن.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ساٿي ججن جو 3 آگسٽ وارو اختلافي نوٽ سپريم ڪورٽ جي ججن جي حوالي سان مناسب ناهي، انهن ججن چيو ته سندن فيصلو آئين موجب نه آهي، جسٽس امين الدين ۽ جسٽس نعيم اختر افغان جو عمل سپريم ڪورٽ جي ججن جي منصب جي خلاف آهي.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته بئنچ ميمبر طور هو قانوني طور تي حقيقتن ۽ قانون سان اختلاف ڪري سگهن ٿا، ساٿي جج مختلف راءِ به ڏئي سگهي ۽ ٻئي جي راءِ تي تبصرو به ڪري سگهن ٿا پر جنهن ريت ٻنهي ججن اختلاف ڪيو اِهو غير مناسب آهي.
عدالت لکيو ته وڌيڪ پريشاني جوڳي ڳالهه اِها آهي ته جج پنهنجي راءِ ڏيندي حدون اورانگهي ويا ۽ ٻن ججن 80 ڪامياب اميدوارن کي وارننگ ڏني.
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جي اڪثريتي ججز طرفان اڄ مخصوص سيٽن بابت ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.