ٽانڪ (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي شهر ٽانڪ ۾ ڪار حادثي ۾ 6 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.
ريسڪيو ذريعن موجب شاهراهه وزيرستان خرگئي چيڪ پوسٽ ڀرسان تيز رفتاري سبب ڪار حادثي جو شڪار ٿي.
حادثي جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 6 ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ٻار سخت زخمي آهي.
ريسڪيو ذريعن ٻڌايو ته فوتين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، سندن واسطو ڏکڻ وزيرستان جي علائقي تودا چينا سان ٻڌايو پيو وڃي.
Next Post
You might also like