شادي سان مردن تي حيران ڪندڙ اثر جو انڪشاف

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) شادي کان پوءِ عورتن جي ڀيٽ ۾ مردن جو جسماني وزن وڌڻ جو امڪان وڌيڪ هوندو آهي.
اها دعويٰ چين ۾ ٿيل هڪ نئين طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.
چائنيز اڪيڊمي آف سوشل سائنس جي ان تحقيق ۾ 1989ع کان 2015ع دوران ٿيل چائنا هيلٿ اينڊ نيوٽريشن سروي جي ڊيٽا جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي.
تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته شادي سان مردن جو جسمان وزن وڌڻ جو امڪان 5.2 سيڪڙو تائين وڌي وڃي ٿو جڏهن ته ٿولهه جو خطرو اڍائي سيڪڙو وڌيڪ هجي ٿو.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته شادي کان پوءِ مردن جي وزن ۾ اضافي جو امڪان ان ڪري وڌي ٿو ڇو جو هو کائڻ لڳندا آهن جڏهن ته ورزش گھٽ ڪندا آهن.
تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته شادي کان پوءِ 5 سالن جي اندر مردن جي جسماني وزن تي اثر پوندا آهن.
پر عورتن ۾ ان حوالي سان ڪو خاص فرق دريافت نه ٿيو آهي.
محققن ٻڌايو ته شادي کان مردن کي صحتمند خوراڪ سان گڏ ورزش کي معمول بڻائڻ گھرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.