پلاسٽڪ جي بوتل ۾ پاڻي پيئڻ موتمار مرض کي دعوت ڏيڻ آهي: ڇرڪائيندڙ تحقيق

يورپي ملڪ آسٽريا جي هڪ سائنسي رپورٽ سامهون آئي آهي، جنهن ۾ ان سوال جو جواب ڏنو ويو آهي ته ڇا پلاسٽڪ جي بوتل ۾ پاڻي پيئڻ سان بلڊ پريشر وڌي سگهي ٿو؟
آسٽريا جي ڊينوب پرائيويٽ يونيورسٽي جي محققن تجربن کانپوءِ نتيجو ڪڍيو ته پلاسٽڪ جي بوتل جو پاڻي پيئڻ سان بلڊ پريشر جو خطرو وڌي ويندو آهي.
سائنسدانن جو چوڻ آهي ته پلاسٽڪ جي شين ۾ استعمال ڪيون ويندڙ غذائي شيون صحت لاءِ هاڃيڪار آهن.
مشاهدي ۾ محققن دريافت ڪيو ته جن ماڻهن پلاسٽڪ جي بوتل جو پاڻي پيئڻ ڇڏي ڏنو ۽ ٻن هفتن تائين نلڪي جو پاڻي پيتو، انهن ۾ بلڊ پريشر جي سطح گهٽ ٿي.
”جرنل مائڪرو پلاسٽڪس“ ۾ ڇپيل رپورٽ موجب اسان جيڪو پاڻي پيئندا آهيون ۽ جيڪي کاڌو کائيندا آهيون، ان ۾ سائنسدانن مائڪرو پلاسٽڪ ذرن جي موجودگي جي نشاندهي ڪئي آهي.
پلاسٽڪ جي بوتل جو پاڻي پيئڻ ۽ پلاسٽڪ جي دٻن ۾ ذخيرو ٿيل کاڌو کائڻ سان پلاسٽڪ جا انتهائي ننڍڙا ذرا جسم جي آنڊن، ڦڦڙن ۽ رت جي نالين ۾ داخل ٿيندا آهن، جنهن سان سنگين مسئلا پيدا ٿيندا آهن.
واضح رهي ته ان کان اڳ سائنسدان ريسرچ رپورٽن ۾ پلاسٽڪ جي بوتلن جي استعمال سان ڪينسر جي بيماري ٿيڻ جو خطرو به ظاهر ڪري چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.