مرتضيٰ وهاب جي روڊن جي تعمير جو ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سڀني ضلعن ۾ روڊن جي تعمير ۽ مرمت جي ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي، ماڻهن جون تڪليفون ختم ڪرڻ ئي مسئلن جو حل آهي.
ميئر جي صدارت هيٺ انجنيئرنگ کاتي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪي ايم سي کي ايندڙ سالن ۾ فنڊن جي ڪا کوٽ نه هوندي، 10 کان 11 ارب رپيا ساليانو ترقياتي پروگرام تحت ۽ 3 ارب رپيا ٽيڪسن جي مد ۾ ملندا.
هن چيو ته معياري ڪم ڪندڙ ٺيڪيدارن کي ئي روڊن جي تعمير ۽ مرمت جا ٺيڪا ڏنا ويندا، ڪي ايم سي جا سمورا روڊ ۽ انڊر پاسز جي لائٽس کي فوري طور ٺيڪ ڪيو وڃي.
سندس چون هو ته ڪي ايم سي هن سالن نالن جي صفائي به بهتر انداز ۾ ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.