نوشهرو فيروز: ٽرين تان ڪِري هڪ ئي خاندان جا 3 ڀاتي فوت

نوشهرو فيروز (ويب ڊيسڪ) نوشهري فيروز جي اسٽيشن تي ٽرين تان ڪِري ٻارڙي سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ريلوي پوليس موجب افسوسناڪ واقعو محراب پور اسٽيشن تي پيش آيو.
ريلوي اسٽيشن تان حاصل ٿيندڙ ڄاڻ موجب ٽنهي فوتين جو اوسطو هڪ ئي خاندان سان هو، جيڪي پير وسڻ جا رهواسي هئا.
ريلوي پوليس جو چوڻ آهي ته ٽئي ڄڻا ٽرين تي چڙهندي ڪِري فوت ٿي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.