لاهور (ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي سڌ سماءُ واري وزير عظميٰ بخاري خبردار ڪندي چيو آهي ته لاهور جلسي ۾ ڪنهن فتني فساد جي ڪوشش ڪئي ته ڪارروائي ٿيندي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عظيميٰ بخاري چيو ته رات هڪ ڀيرو وري تحريڪِ فساد وائکي ٿي وئي، باهه لڳائڻ به ڇا ڪنهن سياسي پارٽي جو ٽريڪ رڪارڊ ٿي سگهي ٿو، هن شهر کي ٻيهر ٺاهيو ۽ سينگاريو پيو وڃي، هو رڳو گند ڪري سگهن ٿا، ڇا سياسي پارٽيون هٿيار کڻي اينديون آهن؟ علي امين جي واٽس ايپ گروپ تي ڪارڪنن کي ڏنڊن ۽ هٿيارن سان ڏٺو ويو آهي.
هن چيوڳ ته علي امين گنڊاپور کُلي جلسو ڪري، جلسي ۾ ڪنهن جي طبيعت خراب ٿي ته کيس ايئر ايمبولينس ذريعي استپال پهچايو ويندو، علي امين ڪرينون آڻي رهيو آهي.
صوبائي وزير چيو ته ” مرو ۽ ماريو “ جو لفظ برداشت نه ڪيو ويندو، اسان اوهان کي سڃاڻون ۽ سمجهون ٿا، ان ئي موجب سموري تياري ڪندا آهيون، ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، ڇهه وڳي جلسو ختم ڪرڻ جي ذميواري انتظاميا تي لاڳو ٿئي ٿي، گنڊاپور لکت ۾ معذرت نه ڪري جلسي ۾ معافي گهري، اسان قبول ڪنداسين.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪو نوَ مئي جو اشتهاري جلسي گاهه ۾ موجود هوندو يا فتني، فساد جي ڪوشش ڪندو ته ان کي ڏٺو ويندو، ڪنهن قانون هٿ ۾ کنيو ۽ فتني فساد جي ڪوشش ٿي ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪو روڊ بند ناهي نه ٿيندو، وزيراعليٰ طرفان هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته کين قانون جي دائري ۾ جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.
Prev Post
You might also like